سيٺ ڏونگرسي جوش

سيٺ ڏونگرسي جوشي: سيٺ ڏونگرسي، ڪراچيءَ جي مشهور واپاري هئڻ سان گڏ سماجي ڪمن جي حوالي سان پڻ گهڻو مشهور هو. هي گجراتي ايجوڪيشنل سوسائٽي، ڪراچيءَ جي بانين مان هڪ هو. هن گجراتي ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ پاران هلندڙ هڪ پرائمري اسڪول کي گرلز هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريو، جنهن لاءِ هن 20 هزار روپيا چندو ڏنو، ان هاءِ اسڪول جو نالو سندس گهر واريءَ جي نالي تي ’شريمتي جهاوير ٻائي گرلز هاءِ اسڪول‘ رکيو ويو. هن تعليم جي ترقيءَ ۽ سماجي ڪمن ۾ گهڻي دلچسپي ورتي. پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ کانپوءِ ڪيترن غريب شاگردن کي اڳتي پڙهائيندو هو. هيءُ هندستان ۽ انگلنڊ ۾ پڙهڻ ويندڙ شاگردن جي مدد ڪندو هو. ان کانسواءِ هيءُ ڏونگر سي اينڊ سنز فرم جو اڳواڻ هو. سندس ڀائر شيوجي، شام جي ۽ پٽ منو ڀائي انهيءَ فرم کي هلائيندا هئا. اهي ٽئي ڄڻا بمبئيءَ جي مشهور فرم ’ميسرس ڊيوڊ ساسون اينڊ ڪمپنيءَ‘ جي ڪراچي هائوس جا ايجنٽ پڻ هئا.
سيٺ ڏونگر سي، 1919ع ۾ آل انڊيا پشڪرڻا برهمڻ ڪانفرنس جو صدر پڻ چونڊيو ويو هو. ڪراچي پڃراپور ايسوسيئيشن، ڪراچيءَ جي هندو برادريءَ جي ڌرمي ۽ سماجي ڪمن جي ائسوسيئيشن هئي، جنهن جو بنياد 1886ع ۾ وڌو ويو هو، ڏونگر سي ان اداري جو باني ميمبر هو. هن اداري جو بنيادي مقصد بيمار، لاوارث ۽ پوڙهن ۽ ڪمزور جانورن، خاص ڪري ڍڳين جو بچاءُ ڪرڻ هو. ڪراچي پڃراپور پاران ڊيري فارم به موجود هوندو هو، جتان ڪراچي شهر جي رهواسين کي کير ۽ مکڻ ملندو هو. ڏونگر سي پنهنجي انسان دوستي ۽ رحمدليءَ جي ڪري مشهور هو. ڪراچي پڃراپور ايسوسيئيشن کي جديد ادارو بنائڻ ۾ هن ڏينهن رات محنت ڪئي. 15 سال لاڳيتو ان ايسوسيئيشن جو صدر رهيو. سيٺ ڏونگر سي، هن ايسوسيئيشن جون ڪراچي شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ڪيتريون شاخون کوليون.
ڏونگر سي سان گڏ سندس پٽ منو ڀائي، واپار ۽ سماجي خدمتن جي ڪري مشهور هو. هي پڻ ڪيترن ادارن جو صدر ۽ ميمبر به رهيو. ڏونگر سي گهراڻو سياسي طور ڪانگريس جي نظريي جو حامي هو، پر سياست ۾ هو ايترو اڳتي اچي نه سگهيا. هنن جو پورو ڌيان ڪراچيءَ ۾ واپار کي هٿي ڏيارڻ، تعليم ۽ جانورن جي ڀلائيءَ طرف رهيو. هن سڄي زندگي سماجي ڪمن ۾ گذاري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو